شيخ نوريو

شيخ نوريو: هيءُ لاڙ جو قديم دور جو بزرگ مڃيو وڃي ٿو. هن جي مزار ضلعي بدين ۾ قديم ماڳ نندڪوٽ کان ڏکڻ ۽ ابراهيم ٻچي جي ڳوٺ جي اولهه ۾ آهي. سندس قبرستان هڪ دڙي تي آهي، جيڪو ٻن چونڪڙين تي پکڙيل آهي. منڌرا ۽ ٻچا هن بزرگ جا مريد آهن، جيڪي ساليانو ميلو پڻ لڳائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو